اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چي?? آهي ته گلگت بلتستان ۾ بهتر ٽرانس??ور?? نظام سان واپاري، اقتصادي ۽ سياحتي سرگرمين کي فروغ ملندو، هر قسم جي موسمي ٽرانس??ور?? انفراسٽرڪچر سان مسلسل ۽ قابل اعتماد چرپر يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملند??، گلگت بلتستان کي هڪ ترقي يافته ۽ خوشحال خطو ڏسڻ منهنجي زندگي جومشن ۽ خواب آه??، گلگت بلتستان ??ور?? ملڪ جي ترقي جي انجڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالهائي رهيو هو. وفد صدر کي گلگت بلتستان جي ماڻهن کي درپيش مسئلن بابت ٻڌايو. صدر چي?? ته گلگت بلتستان ۾ هر موسم جو روڊ انفراسٽرڪچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي. صدر گلگت بلتستان ۾ ترقياتي سرگرمين کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته گلگت بلتستان ۾ ڪارڊيالوجي اسپتال ۽ نرسنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا، اسڪردو ۽ گلگت جي وچ ۾ هر قسم جي موسم جي رستن ۽ سرنگهن جي تعمير سان ڪاروبار جي لاءِ پهچ ۽ چرپر ۾ بهتري ايند??، گلگت بلتستان ۾ بهتر ٽرانس??ور?? نظام سان سامان جي چرپر، رابطن ۾ اضافو ٿيندو. هن چي?? ته بهتر ٽرانس??ور?? سان صحت، تعليم ۽ روزگار جي موقعن جهڙين خدمتن تائين ماڻهن جي پهچ ۾ پڻ اضافو ٿيندو، صدر گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جي لاءِ گلگت جي هوائي اڏي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چي?? ته گلگت بلتستان جي صحت جي شعبي ۾ قدمن سان ماڻهن کي چانئٺ تي صحت جون اعليٰ معياري خدمتون فراهم ڪري سگهبيون، گلگت بلتستان صحت ۽ تعليمي سهولتن جي فراهمي سماجي ۽ اقتصادي ترقي، خوشحالي جي لاءِ لازمي آه??، گلگت بلتستان ۾ سياحت سميت اقتصادي ترقي ۽ واپاري سرگرمين جا وسيع امڪان آهن. هن چي?? ته گلگت بلتستان جي هائيڊرو اليڪٽرڪ صلاحيت کي مقامي ۽ قومي توانائي جي ضرورتن کي ??ور?? ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. وفد سياحت، اقتصادي سرگرمين جي فروغ، بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي، صحت ۽ تعليم جي بنيادي ڍانچي جي ترقي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جو چوڻ هو ته موسمياتي تبديلين جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. وفد صدر کي گلگت بلتستان جي ماحولياتي مسئلن بابت پڻ ٻڌايو. وفد ٻڌايو ته ٻيلن جي فروغ خاص طور تي اخروٽ جي وڻن جي وڻڪاري سان ڳرندڙ گليشيئرز کي بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر وفد کي گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو.