اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ??لگ?? ??لت??تان ۾ پن بجلي جي بي پناهه صلاحيت کي ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قدرتي وسيلن کي علائقي جي معاشي خوشحالي جي لاءِ مڪمل طور تي ترقي ڏيڻي پوندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??لگ?? ??لت??تان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ وڏي وزير گلبر خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ??لگ?? ??لت??تان کي معدنيات ۽ جواهرات جهڙن بي پناهه قدرتي وسيلن سان نوازيو ويو آهي. ملاقات ۾ صدر کي ??لگ?? ??لت??تان حڪومت جي ترقياتي منصوبن بابت آگاهه ڪيو ويو. کيس ??لگ?? ??لت??تان جي عوام کي درپيش مختلف مسئلن خاص طور تي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي گهٽتائي ۽ بيروزگاري بابت ٻڌايو ويو. گورنر ۽ وڏي وزير صدر کي ??لگ?? ??لت??تان جي د??ري ۽ ??لگ?? ??لت??تان اسيمبلي کي خطاب ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. صدر آصف علي زرداري ??لگ?? ??لت??تان جي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمندي جي لاءِ پروگرام شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي طلب موجب قابل قدر صلاحيتن سان ليس ڪيو وڃي. صدر چيو ته علائقي ۾ جامع ۽ پائيدار ترقي جي فروغ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ??لگ?? ??لت??تان جي خودڪفالت جي لاءِ مقامي ڪاروبار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته ??لگ?? ??لت??تان ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ خطي جي تعليم ۽ صحت جي شعبي کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.