اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران گڏ??ل مفاد جي مخطتلف شعبن ۾ گڏ??ل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار جي ڪاٿي کي 10 ارب ڊالر تائين وڌ??ئڻ جي لاءِ ٻطرفي واپاري مڪينزم کي فعال ڪرڻ ۽ خطي کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ان ڳالهه جو اظهار صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي وچ ۾ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪيو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ايراني هم منصب سيد ابراهيم رئيسي جو ايوان صدر اچڻ تي اس??قبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اهم علائقائي ۽ عالمي سط?? تي ٿيندڙ اڳڀرائي خاص طور تي وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ غزه جي عوام جي خلاف اس??ائيل جي فوجي جارحيت جي شديد مذمت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان فلسطيني ڪاز جي مستقل ۽ واضح حمايت جاري رکندو. ٻنهي صدرن غزه جي عوام تي اس??ائيلي ڏاڍ جي خاتمي، انساني امداد ۾ اضافي جي لاءِ عالمي ڪوششون تيز ڪرڻ ??ي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گڏ??ل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ايران لاڳاپن کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏ??ل مفاد ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. صدر عام چونڊن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪندڙ پهرين ملڪي سربراهه هجڻ تي ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جا ٿورا مڃيا. هن اصولي موقف ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق جي مسلسل حمايت تي ايران کي ساراهيو. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ٻطرفو واپار 10 ارب ڊالر جي سطح تائين وڌ??ئڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. ايراني صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي گڏ??ل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳا وڌيڪ وسيع ۽ مضبوط بڻ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي مفاد ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ??ي ضرورت آهي. ايران جي صدر غزه ۾ جاري انساني بحران جي دوران فلسطيني ڀائرن جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. بعد ۾ صدر آصف علي زرداري ايراني صدر جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو.