اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان صوبي ۽ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ وڏين برساتن سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي وڏي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ??وبائي حڪومتن سان گڏ بيٺل آهي ۽ امدادي ڪاررواين ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن هدايت ڪئي ته متاثرين تائين امداد جي فراهمي ۾ ڪا ڪ??ر نه ڇڏي وڃي. وزيراعظم برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري بند رستا کولڻ جو ڪم ت??ز ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم برساتن جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي ??رجن جي ??لندي لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن برساتن جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ مختلف حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن جي ??لد ص??تي??بي لاءِ دعا ڪئي.