اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت تي ??ور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ايس آئي ايف سي جي ??ريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ??وري تي آيل سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ۽ وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ منفرد لاڳاپن ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ??رورت آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي وفد جي پاڪستان جي ??وري تي سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون جڏهن ته پوري قوم سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي ??وري جي منتظر آهي، دوري دوران گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان سيڙپڪاري بابت عالمي ماهرن جي مشاورت سان فزيبلٽي تيار ڪئي آهي، اڄ جي ڳالهه ٻولهه سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي نئين دور جي ??روعات ٿي آهي، سعودي عرب سان اربي?? ڊالر جي ??يڙپڪاري جا معاهدا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سعودي عرب جي معيار تي پورو لهنداسين، ا??س آئي ايف سي شاندار ماڊل آهي جنهن مختصر وقت ۾ بهترين مڪينزم جوڙيو آهي، اسان پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، ا??س آئي ايف سي جي ??يپڪس ڪميٽي ۾ آرمي چيف ۽ اهم سياسي شخصيتون شامل آهن، اسان گڏجي پنهنجو مشن مڪمل ڪنداسين، گڏيل منصوبن ک?? مڪمل ڪري اسان پنهنجو هدف حاصل ڪنداسين. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته ڀرپور استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃون ٿا، سعودي عرب جي وفد جي پاڪستان جي ??وري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي نئين دور جي ??روعات ٿي آهي. آجياڻي ۾ وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سميت اعليٰ عسڪري ۽ سول عملدار پڻ موجود هئا.