اسلام آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف جيريز ڊناٽا پرائيويٽ لميٽيڊ جي اپيل رد ڪندي جيريز کان ڪينسر جي مريضن جي لاءِ ريڊي ايشن مشين فوري آزاد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر مشين جي حساس نوعيت، انسانيت خاص طور تي ڪينسر جي مريضن جي خدمت جي عظيم مقصد کي نظر ۾ رکندي مشين ج??ري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ڪليڪٽر ڪسٽمز لاهور 7 ڏينهن جي اندر اٽڪل هڪ سال کان جيريز وٽ پيل ڪينسر جي علاج جي لاءِ ريڊي ايشن مشين آزاد ڪرائي، عدم تعميل جي صورت ۾ ڪليڪٽر ڪسٽمز قانون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪري. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته تابڪ??ري مشين اپريل 2023ع کان شيڊ ۾ پيل آهي، جيريز گودام جي اضافي قيمت جي ادائيگي کانسواءِ مشين ج??ري ڪرڻ کان انڪ??ري آهي، ڪسٽمز عملدارن اسٽوريج/ ڊيمريج چارجز معاف ڪرڻ جي لاءِ سرٽيفڪيٽ پڻ ج??ري ڪيو. صدر افسوس جو اظهار ڪيو ته جيريز ڪسٽمز عملدارن جي ج??ري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي سنجيده نه ورتو، جيريز ويئر هائوس چارجز جي وڏي ادائيگي کانسواءِ مشين ج??ري ڪرڻ کان انڪار ڪيو، دير جي ڪري پاڪستان جي ڪينسر جي مريضن ۽ غريب ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، غريب عوام ملڪ جي سرڪ??ري اسپتالن مان ع??اج ڪرائين ٿا، همدرداڻي بنيادن تي مسئلن کي سمجهڻ کانسواءِ اهڙو استحصالي ڪاروبار افسوسناڪ آهي. ان حوالي سان ايوان صدر پاران ج??ري تفصيل موجب ميو اسپتال ڪينسر جي مريضن کي ريڊي ايشن ڏيڻ جي لاءِ ڪوبالٽ – 60 سورس درآمد ڪيو، اها مشين سرڪ??ري اسپتالن ۾ مريضن جي لاءِ دستياب واحد مشين آهي، فنڊز جي عدم دستيابي جي ڪري باقي رقم جي عدم ادائيگي تي مشين شيڊ ۾ روڪي وئي هئي. ڪسٽمز عملدارن اسٽوريج چارجز معاف ڪرڻ جي لاءِ دير جو سرٽيفڪيٽ ج??ري ڪيو، دير جو سرٽيفڪيٽ ڪسٽمز جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر پاران ج??ري ڪيو ويو ه??. ج??ريز جي مئ??يج?? ڪارگو بقايا چارجز جي ادائيگي کانسواءِ مشين ج??ري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اوزار ج??ري نه ٿيڻ تي ميو اسپتال جي سي اي او وفاقي ٽيڪس محتسب سان رجوع ڪيو. ٽيڪس محتسب ڪليڪٽر آف ڪسٽمز لاهور کي فوري طور تي سامان ج??ري ڪرڻ جي لاءِ جيريز سان رابطو ڪرڻ جو چي??. ج??ريز ٽيڪس محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي کانپوءِ جيريز جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته جيريز دير جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود مشين ج??ري نه ڪري ڪسٽم ايڪٽ 1969ع جي شقن جي خلاف ورزي ڪئي، ج??ري ڪيل سرٽيفڪيٽ ۽ ايڪٽ جي شقن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي. صدر چيو ته ڪسٽم ايڪٽ تحت سرٽيفڪيٽ جي تعميل نه ڪرڻ تي ڏنڊ جي سزا آهي، ڪسٽمز جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي ج??ري ڪيل سرٽيفڪيٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ها. فيصلي موجب جيريز ڪسٽمز ايڪٽ جي شقن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي، جيريز جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي. صدر هدايت ڪئي ته ڪليڪٽر آف ڪسٽمز 7 ڏينهن ۾ حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي ۽ مشين آزاد ڪرائي وڃي، عدم تعميل تي قانون موجب ضروري ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.