اسلام آباد – 29 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل برقرار آه??، چونڊيل وزيراعظم 4 مارچ تي حلف کڻندو، اڄ جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي، پرامن طريقي سان اقتدار جي منتقلي ٿي رهي آهي، اسان و??عدو ڪيو هو ته هي م??ڪ جنهن حالت ۾ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين، نگران حڪومت پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي، اليڪشن ڪميشن جي مالي ۽ انتظامي ضرورتن کي پورو ڪيو، اسان جي ترجيح معاشي استحڪام رهي. پي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اڄ اهو واعدو تڪميل تي پهتو آهي، سمورن چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو آهي، سڀاڻي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ٿيندي جڏهن ته 4 مارچ تي نئون و??يراعظم حلف کڻندو. هن چيو ته 4 مارچ تي جڏهن و??يراعظم حلف کڻندو، ان وقت نگران حڪومت جا 200 ڏينهن مڪمل ٿي ويندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته 1977ع جي چونڊن تي به اعتراض هئا، ان وقت جي مخالف ڌر چيو ته اسان انهن چونڊن کي نه ٿا مڃون جڏهن ته بعد ۾ قومي اتحاد جي اڳواڻن تسليم ڪيو ته ڪا وڏي ڌانڌلي نه ٿي هئي، ڪجهه سيٽن تي اعتراض هئا، ان وقت وزيراعظم سان ڳالهيون ٿيون ان کانپوءِ انهن ٻيهر چونڊن تي اتفاق ڪري ورتو هو پر 2024ع جي چوندن ۾ اهڙي ڪا صورتحال نه آهي. هن چيو ته جمهوريت ۾ شور شرابو ٿيندو آهي، جمهوريت قبرستان نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي خط سان آءِ ايم ايف جو پراسيس نه رڪجندو، ان خط جو مقصد پاڻ کي شهه سرخين ۾ آڻڻ هو، ان ۾ شايد انهن کي ضرور ڪاميابي ٿي آهي پر آءِ ايم ايف اهڙي طرح جي خط جو ڪو جواب نه ڏيندو ۽ نه ئي ان جي نتيجي ۾ آءِ ايم ايف سان معاملا رڪجندا، اها هڪ سياسي راند کيڏي وئي آهي جيڪا اف??وسناڪ آهي. هڪ سوال تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد وزيراعظم تجربيڪار ماڻهن جي ٽيم آڻيندو، هن م??ڪ جا مسئلا تمام گهڻا ڳنڀير آهن، ملڪ کي سياسي استحڪام جي ضرورت آهي. هن چيو ته قومي سطح جي ايجنڊا تي سڀني کي هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت جو مينڊيٽ بنيادي سڌارا ڪرڻ نه آهي، گورننس جا مسئلا اطلاعات واري وزارت سميت سمورين و??ارتن ۾ موجود آهن، نئين حڪومت اطلاعات واري وزارت جي سمورن ادارن بشمول پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي کي اڳتي وٺي ويندي، اسان سڀني کي گڏجي مسئلن جي حل طرف وڃڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن قانوني طور تي ڪنهن جون سيٽون ٺهن ٿيون ته انهن کي ملڻ گهرجن، قانون تي عمل ٿيڻ گهرجي، عوام جن کي چونڊيو آهي ته اهي عوام جي ترجماني ڪن. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن و??ري نگران وفاقي وزير چيو ته پرامن طريقي سان اقتدار منتقل ٿي رهيو آهي، اسان 17 آگسٽ 2023ع تي واعدو ڪيو هو ته هي م??ڪ جنهن حالت ۾ مليو آهي ان کان بهتر حالت ۾ چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هن چيو ته نئين قومي اسيمبلي ميمبرن کي اها ئي درخواست آهي ته اهي جنهن به پارٽي سان تعلق رکندا هجن، اهي م??ڪ جي مسئلن جي حل جو ذريعو بڻجن. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي، نگران حڪومت عوام جي ٽيڪس جي پئسن مان هڪ رپيو به پنهنجي تشهير تي خرچ نه ڪيو، اسان سياسي گرمي پد کي هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، اليڪشن ڪميشن جون مالي ۽ انتظامي ضرورتون پوريون ڪيون. هن چيو ته نگران دور ۾ ايس آئي ايف سي جي سرگرمي به اتي رهي، نجڪاري جي حوالي سان اسان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي جيڪو ايندڙ چ??نڊيل حڪومت جي لاءِ سهولت جو سبب بڻجندو، اسان جي ترجيح معاشي استحڪام هو.