اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) قومي خابرو اداري ”ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان“ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو ??هي ته اي پي پي ج?? يوٿ ميڊيا پروگرام جو مقصد ميڊيا گريجوئيٽس کي عملي تربيت ڏئي انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ آهي، اي پي پي نئين ميڊيا گريجوئيٽس کي عملي تربيت فراهم ڪندڙ پهريون ادارو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي هيڊڪوارٽرز ۾ يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام ۽ ٿري ڊي ورچوئل اسٽوڊيو جي باضابطا افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. اي پي پي ج?? ايم ڊي چيو ته هن وقت ميڊيا گريجوئيٽس کي عملي تربيت فراهم ڪندڙ ڪو ادارو نه آهي، شاگردن وٽ ڪتابي علم هوندو ??هي پر عملي تجربي ج?? کوٽ هوندي ??هي جڏهن ته اڪثر ميڊيا ادارن ۾ ملازمت جي لاءِ تجربي ج?? ضرورت هوندي آهي. هن شاگردن کي بنيادي ٽيڪنيڪ فراهم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اسان جا شاگرد باصلاحيت آهن، شاگردن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي رپورٽنگ، نان لائنر ايڊيٽنگ (اين ايل اي)، گرافڪ ڊيزائننگ، فوٽوگرافي سميت مختلف شعبن ۾ آل رائونڊر بڻجن ۽ اهي پنهنجي تربيت جي تڪميل کانپوءِ پاڻڀرا ٿي سگهن. هن چيو ته تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ جو مقصد ميڊ??ا جي شاگردن جي صلاحيتن کي نکارڻ ??هي ته جيئن اهي پنهنجي خاندان جي ڪفالت ڪري سگهن. هن چيو ته تربيتي پروگرام ميڊ??ا جي اهم رخن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو هڪ بي مثال موقعو فراهم ڪندو جنهن سان ميڊيا انڊسٽري ج?? ليڊرز جي اڳئين نسل جي ج??ڙجڪ ٿيندي. ان کان اڳ وڊيو نيوز سروس (وي اين ايس) جي ايديشنل ڊائريڪٽر ۽ يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام جي انچارج ياور عباس چيو ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر وي اين ايس جي عملي کي ميڊيا گريجوئيٽ شاگردن کي مفت تربيت فراهم ڪرڻ جي ذميواري سونپي آهي، ٽريننگ جي لاءِ ڪل 500 شاگردن درخواستون ڏنيون ۽ انهن مان 30 شاگردن کي چونڊيو ويو. ورچوئل اسٽوڊيو بابت ياور عباس ٻڌايو ته اهڙي طرح جا ٽي اسٽوڊيو سيٽ اڳ ۾ ئي قائم ڪيا ويا آهن ۽ 10 وڌيڪ ٿري ڊي ورچوئل اسٽوڊيو سيٽس قائم ڪرڻ جو منصوبو آهي. هن ٻڌايو ته يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام جو منصوبو نوجوانن کي هنر ۽ علم سان بااختيار بڻائڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو ??هي جيڪو ميڊ??ا جي متحرڪ دنيا ۾ ڪاميابي ج?? لاءِ ضروري ??هي ۽ ميڊ??ا جي بهترين ڪارڪردگي ج?? مستقبل کي ج??ڙي رهيو آهي.
هن ٻڌايو ته يوٿ ميڊيا ٽريننگ پروگرام صحافت ۽ ميڊ??ا جي شاگردن جي لاءِ تيار ڪيل هڪ اهم قدم آهي، ان تربيتي پروگرام سان شاگرد پنهنجي ميڊيا ڪيريئر کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي موقعي مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ٽريننگ ۾ ٽي وي نيوز جي رپورٽنگ، ايڊيٽنگ ۽ پروڊڪشن، وڊيو نيوز اسٽوريز ۽ پئڪيجز ٺاهڻ، دستاويزي فلمن جي شوٽنگ، خبرن ۽ ٽاڪ شوز جي بليٽن ميڪنگ/ پروڊڪشن جو عمل، ڪئميره آپريٽنگ، لائيو ڪوريج، وڊيو ڪئميره سسٽم، نان لائنر بابت تربيت فراهم ڪئي ويندي. ايڊيٽنگ، وڊيو گرافڪس پئڪيجنگ، آڊيو ايڊيٽنگ ۽ سائونڊ ڊيزائننگ، ٽي وي انٽرويو جي مهارت، اسٽوڊيو ورڪ، نيو?? ڪاسٽنگ، اينڪر پرسن ۽ سوشل/ ڊيجيٽل ميڊيا تربيتي ماڊيول جي منصوبابندي ڪئي وئي ??هي ۽ هاڻي ان کي اي پي پي ج?? وڊيو نيوز سروس پنهنجي پيشيور ٽيم جي ميمبرن ۽ جديد ترين اوزارن سان هلائيندي. ان موقعي تي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي شاگردن ۽ اسٽاف سان گڏ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.