اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌا??ڻ جي ضرورت تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته سريلنڪا سان ٻطرفي واپاري ماپي کي ان جي ڀرپور صلاحيت تائين وڌائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? سريلنڪا جي لاءِ نامزد پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستا?? سريلنڪا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خصو??ي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي جي وچ ۾ 7 ڏهاڪن تي ٻڌل مضبوط لاڳاپا آهن. پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ وڌا??ڻ جي ضرورت آهي، سريلنڪا سان معاشي، تعليمي ۽ ثقافتي رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻا پوندا. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي هڪ ٻئي بابت خيرسگالي جي جذبن کي مضبوط اقتصادي رابطن ۾ بدلائڻو پوندو. هن پاڪستان ۾ ٻڌمت ورثي جي جاين جي سياحتي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميجر جنرل (ر) فهيم العزيز کي سريلنڪا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر نامزد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.