اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزير خاقان فيدان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ پاڪستان ?? ايران جي وچ ۾ جاري اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ت??ڪ هم منصب کي پاڪستان جي تناظر ۽ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته آپريشن مرگ بر سرمچار جو مقصد ايران جي اندر د??شت??ردن جي ڪئمپن کي نشانو ??ڻائڻ هو، پاڪستان ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ ۾ ڪا دلچسپي يا ان جي خواهش نه ٿو رکي.