اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٽيلي??ون?? رابطو ٿيو آهي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن بلوچ مظاهرين جي خلاف پوليس جي غيرمناسب سلوڪ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر سان بلو??ست??ن جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال، بلوچ مظاهرين تي پوليس جي تشدد تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ٿيندڙ ٽيلي??ون?? رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس کي مظاهرين جي خلاف سختي سان پيش اچڻ نه گهرجي ها. نگران وزيراعظم چيو ته گرفتاري مظاهرين کي ذاتي مچلڪن تي آزاد ڪري رهيا آهيون. بعد ۾ صدر سان بلو??ست??ن جي گورنر ملڪ عبدالولي خان ڪاڪڙ پڻ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ بلو??ست??ن جي گورنر چيو ته پوليس کي مظاهرين سان تحمل ۽ همدرديءَ سان پيش اچڻ گهرجي، ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪند?? چيو ويو ته پوليس کي حدن ۽ اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ گهرجي ها. بلو??ست??ن جي گورنر چيو ته پوليس احتجاج ڪندڙن کي فوري آزاد ڪري. ٻنهي اڳواڻن بلو??ست??ن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو.