اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي گڏيل پڌرنامي جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ويو آهي ته اها اسرائيل جي خلاف گڏيل قومن جي ??رارداد?? کي لاڳو ڪري. پريس بر??فنگ ۾ هن چيو ته پڌرنامي ?? قابض فوج کي هٿيارن جي برآمد بند ڪرڻ جو مطالبو ۽ عالمي فوجداري عدالت کان اسرائيلي ڏوهن جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي ??يادت ڪئي، اهو سربراهي اجلاس والاريل فلسطين ۾ غيرانساني اسرائيلي جارحيت ۽ سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ گهراوي ويو هو. هن چيو ته نگران وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ جون 1067ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ زور ڏنو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته پاڪستان قابض فوج پاران عالمي قانونن جي ??ڪمل خلاف ورزي ڪندي اسپتال کي نشانو بڻائڻ ۽ غزه جي اسپتالن جي خلاف اسرائيل جي جنگ جي ??ڻ مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسان الشفاءَ اسپتال ۾ اسرائيلي دراندازي، مريضن، طبي عملي ۽ شهري?? کي خطري ۾ وجهڻ سان حيران آهيون، عالمي برادري اسرائيل کي اسپتالن تي حملن جي ??اءِ جوابده قرار ڏي. هن چيو ته اسرائيل کي ڄاڻي واڻي طور تي مسجدن، گرجا گهرن ۽ اسڪول?? کي نشانو بڻائڻ جي ??اءِ پڻ جوابده هجڻ گهرجي جيڪي شهري?? کي پناهه ڏين ٿا جيڪي اسرائيل پاران پنهنجي گهرن جي تباهي جي ڪري بي گهر ٿي چڪا آهن. ترجمان چيو ته شهرين جي بنيادي ڍانچي ۽ خودمختياري جي علامت?? کي تباهه ڪري اسرائيل ڄاڻي واڻي غزه کي پنهنجي شهري آبادي جي ??اءِ رهائش جوڳو بڻائي رهيو آهي، اسرائيل جي حامي?? کي اسرائيل کي فلسطيني عوام جي ??سل ڪشي جي ??نهنجي ??نصوبن تي عملدرآمد کان روڪڻ گهرجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته جيئن ته گڏيل عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سمورن ملڪ?? کي قابض عملدار?? کي هٿيارن ۽ گولي بارود جي برآمدات کي روڪڻ گهرجي جيڪي ان جي ??وج ۽ اتي رهندڙ فلسط??ني?? کي قتل ڪرڻ ۽ انهن جي گهرن، ملڪيتن ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ جي ??اءِ استعمال ڪن ٿا. هن هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي جاري جارحيت کي روڪڻ جي ??اءِ گڏيل ۽ بامعنيٰ طور تي ڪم ڪري ۽ والاريل فلسطين ۾ ٿيندڙ جنگي ڏوهن جي ??اءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏي.