اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير جي سنڌ واپس وٺڻ جي حوالي سان ڏنل ريمارڪس تي شديد ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ جاري بيان ۾ چيو ته اسان لکنئو ۾ قومي سنڌي ڪنوينشن ۾ اتر پرديش جي وڏي وزير، ڀارتي حڪمران پارٽي جي اهم ميمبر ۽ متعصب ” هندوتوا“ نظريي جي پيروڪار جي انتهائي غيرذميواراڻي ريمارڪس جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اها ??الهه به ايتري ئي مذمت جوڳي آهي ته ”رام جنم ڀومي“ جي نام نهاد بحالي کي وڏي وزير ان خطي کي ٻيهر حاصل ڪرڻ جي سانچي جي طور تي پيش ڪيو آهي جيڪو پاڪستان جو حصو آهي. ترجمان چيو ته تاريخ گواهه آهي ته هندو جنونين جي هجوم 6 ڊسمبر 1992ع تي ايوڌيا ۾ تاريخي بابري ??سجد کي شهيد ڪري ڇ??يو هو ۽ نڪ جي ڏاڍائي سان دعويٰ ڪئي هئي ته هن رام جي ڄم پيدائش کي واپس وٺڻ جي لاءِ ائين ڪ??و. ??رجمان چيو ته اتر پرديش جي وڏي وزير جا اشتعال انگيز ريمارڪس واضح طور تي ”اکنڊ ڀارت“ ( بنا ورڇ هندستان) جي اجائي دعويٰ کان متاثر آهن. هن چيو ته اهي ريمارڪس هڪ نظرثاني ۽ توسيع پسنداڻي ذهنيت کي ظاهر ڪن ٿا جيڪو نه رڳو ڀارت جي پاڙيسري ??لڪن پر ان جي پنهنجي مذهبي اقليتن جي سڃاڻپ ۽ ثقافت کي پڻ مٽائڻ چاهي ٿو ۽ اهو ته هو تاريخ جو هڪ الٽو نظريو به ظاهر ڪري ??و. هن چيو ته اها ??الهه ڳڻتي جوڳي آهي ت?? بي جي پي ۽ آر ايس ايس سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي تفرقه انگيز ۽ متعصباڻي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اهڙي طرح جي خيالن کي تيزي سان فروغ ڏئي رهيا آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي اڳواڻ کي ڏاڍ پسنداڻي ۽ توسيع پسنداڻي ارادن کي هٿي وٺرائڻ چڙهائڻ بدران پاڙيسري ??لڪن سان تڪرارن کي حل ڪرڻ گهرجي ۽ انهن سان گڏجي هڪ پرامن ۽ خوشحال ڏکڻ ايشيا جي تعمير جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.