باڪو – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) آذربائيجان اقتصادي تعاون ت??ظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27 هين اج??اس جي اڄ اڱاري ڏينهن ميزباني ڪندو، نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اج??اس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. اقتصادي تعاون ت??ظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جو اج??اس آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ ٿيندو. آذربائيجان جو پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سميت اي سي او جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير اج??اس ۾ شرڪت ڪندا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اقتصادي تعاون ت??ظيم جي وزيرن جي ڪائونسل جي اج??اس ۾ شرڪت جي لاءِ 9 کان 10 آڪٽوبر تائين آذربائيجان جو سرڪاري دورو ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم) کي خطاب ڪندو ۽ تقريب جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. وزارتي ڪائونسل اي سي او جي پاليسي سازي فورم طور تي تنظيم جي فيصلن ۽ سالياني ورڪ پلان جي منظوري ڏي ٿي. 27 هين سي او ايم ۾ ميمبر ملڪ واپاري ۽ اقتصادي تعاون ت??ظيم ۽ سماجي، ثقافتي، فني ۽ سائنسي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ذريعي اي سي او خطي جي پائيدار اقتصادي ترقي جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. هن سال جي تقريب جو موضوع ”گرين ٽرانزيشن ۽ انٽر ڪنيڪٽيويٽي“ هوندو.