اسلام آباد-12 س??پٽمبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي ??ربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي ??نڌي جي خاص هدايتن تي پاڪستان جي آزادي واري تحريڪ جي اڳواڻن جي اعزاز ۾ انهن جا پورٽريٽس نيشنل بڪ فائونڊيشن ۾ لڳايا ويا. ان موقعي تي نگران وفاقي وزير چيو ته انهن اڳواڻن جي همتن کي جيترو اجاگر ڪيو وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته مولانا عبيدالله سنڌي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، حسن علي ??فندي، چوڌري رحمت علي، قاضي محمد عيسيٰ ۽ ٻين اڳواڻن جي اعزاز ۾ اسان انهن جا پورٽريٽس نيشنل بڪ فائونڊيشن ۾ لڳايا آهن. هن چيو ته اهي اڳواڻ اسان جي ملڪ جي هر صوبي مان آه?? ۽ ??نهن جي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.