اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظ?? انوارالحق ڪاڪڙ وفاقي گهرو ??يڪريٽري عبدالله خان سنبل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم چيو ته عبدالله خان سنبل هڪ انتهائي قابل آفيسر هو?? سندس ملڪ ۽ قوم جي لا??ِ لازوال خدمتون آهن. هن چيو ته عبدالله خان سنبل جي لاڏاڻي سان سول سروس کي ناقابل تلافي نقصان پهتو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بل??د ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.