اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏي?? عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد آل نهيان جي ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد آل نهيان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چ??و ته سڄي پاڪستاني قوم ڀائر ملڪ گڏي?? عرب امارات، شاهي خاندان ۽ يو اي اي جي عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ت?? الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ گهرڀاتين کي صبر عطا فرمائي.