ڪراچي – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سا?? ملڪ جي معيشت جي بحالي ۾ سرگرم عمل آهي، اسان معاشي بحالي، عالمي حصيدارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي اعتماد جي بحالي جي مقوعي کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين محمد اورنگزيب جي قيادت ۾ پي بي سي جي وفد سا?? ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سا?? دوران اتحادي حڪومت جي ڪوششن سا?? پاڪستان کي درپيش ڏيوالپڻو ٿيڻ جو خطرو ٽري ويو، اتحادي حڪومت ۾ شامل سمورين پارٽين حڪومت جي هر فيصلي ۾ تعاون ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاري جي سهولت ۽ ڪاروبار دوست پاليسين سا?? ملڪ جي معيشت جي بحالي ۾ سرگرم عمل آهي، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيڻ اسان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي. وزيراعظم چيو ته الحمدالله هاڻي پاڪستان جي معيشت ترقي طرف گامزن آهي، اسان معاشي بحالي، عالمي حصيدارن، سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي اعتماد جي بحالي جي موقعي کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪاروباري برادري نه رڳو ملڪ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪري ٿي پر ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي سا?? پر??يهي ناڻو حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿي، توهان سمورا اهي باصلاحيت ۽ باهمت ماڻهو آهيو جن پاڪستان ۾ مشڪل حالتن جو مقابلو ڪيو، توهان سڀني جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد پاڪستان جي معاشي بحالي خاص طور تي گذريل هڪ سا?? کان وڌيڪ عرصي دوران وفاقي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سا?? حڪومت جي ڪامياب معاهدي جي لاءِ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد پاڪستان ۾ ڪاروباري برادري جي لاءِ سدائين وقت ڪڍڻ ۽ انهن جي تجويزن کي حڪومتي پاليسي جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ واپاري برادري سدائين ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار رهي آهي. ملاقات ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب، انجنيئر خرم دستگير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، سنڌ جو وڏو وزير ??يد مراد علي شاهه، پارليامينٽ ميمبر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.