اسلام آبا?? – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن اسلام آباد ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ٿيندڙ زراعت ۽ غذائي تحفظ تي قومي سيمينار ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ڪندو. سيمينار ۾ ناڻي، دفاع، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق، اطلاعات ۽ نشريات وارا وزير، سمورن صوبن جا چيف سيڪريٽريز، زرعي ماهر ۽ اعليٰ عسڪري عملدار پڻ شرڪت ڪندا. گرين پاڪستان قدمن تحت سمورين ڌرين زرعي شعبي جي ??ائيدار ترقي ۽ ??ن جي معاشي فائدن مان فائدو کڻي سگهندا. سيمينار ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، لائيو اس??اڪ ۽ زرعي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. زرعي پيداوار وڌائڻ جي ??اءِ جديد زرعي مشينري، ٻج، ڀاڻ، مائيڪرو نيوٽريئنٽس ۽ پيسٽي سائيڊز جي استعمال تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم سيمينار کي خطاب پڻ ڪندو ۽ جديد زراعت ۽ لائيو اس??اڪ جي ??مائش جو دورو پڻ ڪندو.