مڪو شريف – 26 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت پاڪستاني حج پانڌيئڙن جي مدد ۽ سهولت لاءِ منيٰ ۾ مين ڪنٽرول آفيس (ايم سي او) قائم ڪري ڇڏي آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق ڪنٽرول روم ۾ معلومات ۽ رابطي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ انفارميشن سيل قائم ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هڪ خاص سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ??نه?? به گم ٿيل حاجي يا سامان جي ڳولا ۾ مدد ڏئي سگهجي. پرائويٽ حاجين جي ??نه?? به امڪاني مسئلن جي ڪڙ?? ??گر??ني ۽ انهن جي حل لاءِ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيو ويو آهي. م??تل?? ٻيا خاص ي??نٽس جهڙوڪ وهيل چيئر ڊيسڪ وغيره حاجين جي سهولت لاءِ قائم ڪيا ويا آهن. انهن سهولتن جي فراهمي جو مقصد حج انتظامن کي بهتر بڻائڻ آهي ۽ ان سان سمورن پاڪستاني حج پانڌيئڙن لاءِ آرامده ۽ پريشاني کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت جو عزم ظاهر ٿئي ٿو.