اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ??روي 23 -2022ع موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مالياتي خسارو گهٽجي جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آ??ي جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 4.9 سيڪڙو ره??و. اقتصادي ??روي موجب مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پرائمري بيلنس 99.1 ارب روپيا ره??و جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 890.2 ارب روپيا خساري سان گڏ رڪارڊ ڪيو وي هو، پرائمري بيلنس ۾ بهتري سبب نان مارڪ اپ خرچن ۾ گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان مارچ تائين ڪل محصولن ۾ 18.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 6938.2 ارب روپين تائين پهچي ??يو جيڪو جي ڊي پي جو 8.2 سيڪڙو آ??ي. گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران ڪل محصولن جو ڳاڻيٽو 5874.2 ارب رڪارڊ ڪيو ??يو هو، اقتصادي ??روي موجب ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪيترين ئي معاشي مشڪلاتن جي باوجود ايف بي آر طرفان ٽيڪس روينيو ۾ 16.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 5617.7 ارب روپين تائين پهچي ??يو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 4821.9 روپيا رڪارڊ ٿيو هو. جولاءِ کان مارچ تائين نان ٽيڪس روينيو ۾ 25.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو گذريل مالي سال جي 1052.2 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 1320.5 ارب روپين تائين پهچي ويو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي خرچن ۾ 18.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 10،016.9 ارب روپين تائين پهچي ??يو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 8439.8 ارب روپيا هو. جولاءِ کان مارچ تائين جاري خرچن ۾ 25.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 9244.6 ارب روپين تائين پهچي ??يو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران جاري خرچا 7378 ارب روپيا رڪارڊ ڪيا ويا هئا . قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ 69.1 سيڪڙو جي اضافي سان حڪومتي جاري خرچن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ اضافي جو بنيادي ??بب ملڪي ۽ عالمي سطح تي وياج جي شرح ۾ اضافو ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي. جولاءِ کان مارچ تائين جي ترقياتي خرچن ۽ مجموعي لينڊنگ 0.9 سيڪڙو اضافي سان 1060.4 ارب روپيا رڪارڊ ڪيا ويا. جيڪي گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1051.1 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ??يو هو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران پي ايس ڊي پي 1.8 سيڪڙو جي گهٽتائي سان گڏ 1014.0 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ??يو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1032.7 ارب روپيا ره??و.