اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي هدايت تي اهم سياسي ۽ قومي معاملن تي مشاورت جي لاءِ لنڊن ۾ پنهنجي قيام ۾ هڪ ڏينهن جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ت?? وزيراعظم هاڻي اربع ڏينهن وطن واپس روان?? ٿيندو. وزيراعظم شهباز شريف برطانيا جي ڪنگ چارلس ٽي جي تاج پوشي جي رسم جي لاءِ برطانيا آيل هو.