اسلام ??باد – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ??ارت پاران عدالت کي ناليواري ڪشميري اڳواڻ مح??د ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏيڻ جي مطالبي جي تازه ترين قدم تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل سال مح??د ياسين ملڪ کي هڪ تڪراري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ان تي هٿ ٺوڪيا الزام هنيا ويا ۽ ان ??ي منصفاڻي ٽرائل کان انڪار ڪيو ويو هو. ترجمان ??يو ته اهم ڪشميري اڳواڻ کي خراب ٿيندڙ صحت جي باوجود بدنام ??مانه تهاڙ جيل ۾ غيرانساني حالتن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته مح??د ياسين ملڪ کي خاندان جي ماڻهن ۽ وڪيلن تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي ۽ ان سان ??ڏوگڏ کيس معياري صحت جي علاج کان محروم رکيو پيو وڃي. ترجمان ??يو ته ڀارت جو تازو قدم سياسي انتقام ??و هڪ ٻيو مثال آهي جنهن جو مقصد ڪشميري قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي ڊيڄارڻ آهي. هن چيو ته اهو قدم ڀارت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نه ختم ٿيندڙ ۽ وسيع ڏاڍ جو مظهر آهي جتي سياسي اڳواڻن ۽ انساني حقن جي محافظن کي هٿ ٺوڪيي ۽ بي بنياد الزام?? تحت قيد ڪيو وڃي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??يو ته اسان ??ارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي مح??د ياسين ملڪ جي خلاف فرضي ڪيس کي ختم ڪن. هن چيو ته ڪشميري اڳواڻ کي معياري علاج فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ ان ??ي پنهنجي ماڻهن ۽ خاندان جي وچ ۾ آزاداڻي طور تي رهڻ ڏنو وڃي. ترجمان پاڪستان جي ان مطالبي کي پڻ ورجايو ته ڀارت کي ڪشميري قيادت ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن کي پڻ فوري ۽ غيرمشروط طور تي آز??د ڪرڻ گهرجي جن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ بنا جواز قيد ۾ رکيو ويو آهي.