اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽر??لي?? ج?? سينيئر عملدارن جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سيشن اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب ايڊيشنل پرڏيه?? سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ممتاز زهره بلوچ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته آسٽر??لي?? وفد جي قيادت اتر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري گيري ڪوون ڪئي. ڌرين ٻطرفي تعاون تي ٺوس خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي جنهن ۾ اعليٰ سطح جي مٽاشتا، سياسي، اقتصادي، ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاع، سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، لڏپلاڻ ۽ موسمياتي تب??يل?? جي شعبن ۾ تعاون پڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس ٻڌايو ته ڌرين هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ ??هڻ رخي ترجيحن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. ايڊيشنل پرڏيه?? سيڪريٽري آسٽريلوي وفد کي ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال بشمول افغانستان جي انساني صورتحال ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن آسٽر??لي?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ واپاري ڳالهيون پڻ ٿيون، ڌرين زراعت ۽ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون تي خاص ڌيان ڏيندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾و اپاري پهچ ۾ اضافي ۽ ملڪيتي حق دانش جي گڏيل تحفظ خاص طور تي باسمتي چانور جي جاگرافيائي اشاري بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي.