اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پوسٽ سينيٽ آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي تقريبن جي موقعي تي يادگاري ڊاڪ ٽڪيٽ ۽ سو??ين??ر جاري ڪيو آهي. 20 روپيه ماليت جو يادگاري ڊاڪ ٽڪيٽ 56 ملي ميٽر سائيز جو آهي ۽ 15 مارچ کان ملڪ جي سڀني اهم پوسٽ آفيسن ۾ وڪري لا??ِ دستاب هوندو. ڊاڪ ٽڪيٽ سان 50 سو??ين??ر شيٽ به جاري ڪيو آهي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي موقعن تي يادگاري ٽڪيٽ جاري ڪندو آهي. پرڏيهه ۾ ??هن??ڙ پاڪستاني مينيجر فليٽلڪ بيورو ڪراچي جي پي او، يا مينيجر نيشنل فليٽلڪ بيورو، اسلام آباد جي پي او مان ڊاڪ ٽڪيٽن لا??ِ رابطو ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته درخواست سان بينڪ ڊرافٽ يا ڪراسڊ چيڪ هئڻ گهرجي. پاڪستان پوسٽ اهم قومي ۽ عالمي موقعن تي مختلف يادگاري ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪندو آهي جنهن ۾ عظيم شخصيتن ۽ انهن جي ڪاميابين کي خراج تحسين پيش ڪيو ??ين??و آهي. ان تاريخي موقعي کي يادگار بنائڻ لا??ِ سينيٽ آف پاڪستان به 15 کان 17 مارچ 2023ع ??ائين پارليامنٽ هائوس ۾ هڪ تاريخي ٽن ڏينهن وارو اجلاس گهرايو، جيڪو واقعي هڪ يادگار سفر جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن جي شروعات سينيٽ ڪيترائي سال اڳ ڪئي هئي. 1973ع جو سال پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ 1973ع جي آئين جي شڪل ۾ هڪ آئيني دور جي نشاندهي لا??ِ نمايان ??هن??و. پاڪستان سينيٽ جي گولڊن جوبلي هڪ متحد، هم آهنگ ۽ سٺي طرح سان مربوط فيڊريشن جي طور تي 5 ڏهاڪن تي ٻڌل اسان جي قومي جدوجهد ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي.