اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات ضمير عباس قومي خابرو ادار?? ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪ??و. ان موقعي تي هن اي پي پي ج?? ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر عدنان اڪرم باجوه، ڊائريڪٽر نيوز/ ڊيجيٽل ميڊيا شاهد سليم ۽ ڊائريڪٽر اردو سروس عبدالجبار ذڪريا سميت مختلف شعبن جي سربراهن سان ملاقات ڪئي جن سيڪريٽري اطلاعات ک?? اي پي پي جي معاملن، خبرن جي تياري، پهچ سميت اداري جي پيشيواراڻي معاملن بابت آگاهه ڪيو. گلگت بلتستان جي سيڪريٽري اطلاعات ک?? اي پي پي جي آپريشنز ۽ پرنٽ، اليڪٽر??نڪ ۽ س??شل ميڊيا جي لاءِ معياري خبرن جي تياري ۽ پهچ ۾ جديد تري?? ٽيڪنالاجي جي استعمال بابت ٻڌايو ويو. هن انگلش رپورٽنگ، سينٽرل نيوز ڊيسڪ، اردو سروس، چائنيز سروس، فارن ڊيسڪ، اڪنامڪ ڊيسڪ ۽ ڊيجيٽل ميڊيا سروس سميت اي پي پي جي مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو. ضمير عباس حڪومتي پاليسين کي اجاگر ڪرڻ ۽ نيوز ايجنسي طور هر قسم جي خبرن جي فراهمي سان گڏوگڏ هڪ متحرڪ اداري جي حيثيت سان اي پي پي جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ڊپارٽمينٽ گلگت بلتستان شمس الرحمان پڻ ساڻس گڏ هو.