دوحه-05 مارچ (اي پي پي)وز??را??ظم محمد شهباز ش??يف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع معاملن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ اڳ کان موجود رابطن ۽ بهترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري واپاري ۽ پاڪستان مان هنرمند ماڻهن کي قطر گهرائڻ جي طريقن ۽ ذريعا وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وز??را??ظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز ش??يف دوحه پهچڻ کانپوءِ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪئي. وز??را??ظم شهباز ش??يف گڏيل قومن جي انتظام هيٺ گهٽ ترقي ڪندڙ ملڪن جي ڪانفرنس جي پنجين اجلاس ۾ شرڪت لاءِ قطر پهتو آهي. قطر جي امير جي دعوت تي وز??را??ظم هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. وز??را??ظم محمد شهباز ش??يف ۽ شيخ تميم بن حمد آل ثاني ٻطرفي گڏيل مفادن جي وسيع تر معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ پهرين کان موجود ب??ترين تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، قطر جي امير جي ترقي ۾ پاڪستاني پورهيتن جي ڪوششن کي ساراهيو خاص طور تي قطر جي ميزباني ۾ فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي ڪاميابي موقعي تي پاڪستاني سيڪيورٽي عملدارن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. ملاقات ۾ وز??را??ظم شهباز ش??يف پاڪستان جي ترقي جي منصوبن ۾ قطر جي مسلسل حمايت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. ملاقات دوران قطر سان ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري، واپاري ۽ پاڪستان کان هنرمند ماڻهن جي قطر موڪلڻ جي طريقن ۽ ذريعن کي وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون، قطر جي امير وز??را??ظم محمد شهباز ش??يف کي قطر اچڻ تي ڀليڪار چيو، هن پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ معاشي تعاون وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان جي ترقي جي ايجنڊا ۾ قطر طرفان ڀرپور تعاون جي پختي عزم ۽ حمايت جاري رکڻ جي عزم کي ورجايو. وز??را??ظم قطر جي امير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.