اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن ??ي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪند?? چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، فيصلن کي عوام ۾ پذير??ئي ملي آهي، فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. اهڙن خيالن ??و اظهار هن حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي فيصلا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، انهن فيصلن ??ي عملدرآمد سان قومي خزاني جي بچت ٿيندي. وزي??اع??م چيو ته انهن فيصلن کي عوام ۾ تمام گهڻي پذير??ئي ملي آهي جڏهن ته موثر نتيجن جو دارومدار قدمن تي ڀرپور عملدرآمد ۾ آهي. وزي??اع??م سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن ??ي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر جي نمائندگي هوندي. هن هدايت ڪئي ته ڄاڻايل فيصلا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. ڄاڻايل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت جو موقعو ڪميٽي ۾ موجود هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر کي ڏنو ويندو. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ وزي??اع??م جو خاص معاون محمد جهانزيب خان، وزي??اع??م جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. وزي??اع??م وڌيڪ هدايت ڪئي ته ان ڪميٽي جو اجلاس هڪ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، قومي غذ??ئي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزي??اع??م جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره، پاور ڊويزن واري مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، وزي??اع??م جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.