اسلام آباد – 15 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت ??ي لاءِ داخل درخواست کي کيسا ڀريندڙ گروهه جي جيل ڀريو تحريڪ جي پهرين قسط قرار ڏئي ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان جي اسلام آباد جي عدالتن ۾ حاضري کان ڇوٽ جون درخواستون رد ٿيڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت ??ي درخواست داخل ڪرڻ تي اهو تبصرو ڪيو. واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت ??ي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ عمران خان چيو ته اڳوڻو وزيراعظم ۽ ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي جو سربراهه آهيان، زخمي هجڻ جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي ??گهيس.