اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز اربع تي ملڪ گير تنظيمي دورن جي ش??وعات ڪندي. هوءَ بهاولپور ڊويزن مان تنظيمي سرگرمين جي ش??وعات ڪندي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز اربع تي بهاولپور پهچندي، مسلم ليگ (ن) پنجاب جو صدر را??ا ثناءُ الله خان به گڏ هوندو. مريم نواز بهاولپور ۾ ت??ظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. تنظيمي ڪنوينشن ۾ نوان عهديدار شامل ٿيندا. پارٽي جي مقامي عهديدارن جو تنظيمي اجلاس به ٿيندو. مريم نواز جي صدارت ۾ موجوده تنظيمي ڍانچي جو جائزو ورتو ويندو. پارٽي جي مقامي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس ۾ ت??ظيمي معاملن تي غور ٿيندو.