خيرپور – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ??وڏ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن جي ??شڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ قدم جاري رهندا، ٻوڏ متاثرين جي ??اءِ ملندڙ عطيا شفاف طريقي سان خرچ ڪيا ويندا، ٻوڏ متاثرين کي گهر تعمير ڪري ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثر ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي ۽ پير ڳوٺ جي دوري جي ??وقعي تي ٻوڏ متاثرين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ صوبائي حڪومت جا ??عليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي ??اڻهن کي جاني ۽ مالي ن??صان کي منهن ڏيڻو پيو اهي، ٻوڏ سان صوبي ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي ڀرپور وسيلا فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين ۾ 70 ارب رپيا ورهايا آهن، عوام جي خدمت ۽ انهن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جو ڪم ڪافي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته دادو جي ??اڻي هيٺ علائقن مان پاڻي ڪڍڻ تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان 90 لک ٻارن سميت اٽڪل 2 ڪروڙ ماڻهن کي حڪومت پاران امداد جي سخت ضرورت آهي ۽ خوراڪ ۽ دوائن جي ??راهمي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ اربين رپيا گهربل آهن. هن چيو ته عالمي سطح تي ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ انتهائي معمولي حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جو مسئلو درپيش آهي. هن وزيراعظم جي ??لڊ ريليف فنڊ ۾ 2 ارب 75 ڪروڙ رپين جا ??طيا ڏيڻ تي سمنڊ پار پاڪستانين کي ساراهيو ۽ چيو ته اها رقم ٻوڏ متاثرين جي ڀلائي لاءِ شفاف طريقي سان خرچ ڪئي ويندي. هن ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جي ??ناسب رهائش جي ??اءِ گهر تعمير ڪندي. هن خيرپور ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي ڪئمپس جي ??يام جو پڻ ??علان ڪيو. وزيراعظم عارضي ڪئمپن ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي حڪومت پاران فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن بابت پُڇاڳاڇا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف کي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ??نصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اڪثر ٻوڏ سٽيل علائقن مان پاڻي ڪڍيو ويو آهي ۽ بجلي جي ??راهمي مڪمل طور تي بحال ٿي چڪي آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف کي اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي متاثر علائقن مان ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم متاثر علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ جي ??اءِ قدم تيز ڪرڻ، اضافي مشينري، افرادي قوت ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ سرديءَ جي اچڻ جي ڪري متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي ??وڏ متاثر علائقن ۾ ڏينهن رات جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي هڪ قومي خدمت آهي، قومي خدمت جي جذبي سانئي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو ۽ بحالي جي ڪم جو معائنو ڪيو.