اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن ا??بال چيو آهي ته ٻوڏ جي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سڄو ملڪ گڏ ٿيو آهي، ??مو??ا ادارا، سول سوسائٽي ۽ حڪومت گڏجي ڀرپور ڪم ڪيو آهي، ٿڌ جي موسم کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ متاثرن کي اڃا به امداد جي ضرورت آهي، حڪومت ۽ قوم گڏجي ان جذبي سان پاڪستان کي اڳتي وٺي ويندا، ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ ۾ اين ا??ف آر سي سي جو ڪردار مثالي رهيو آهي. نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر جي پڄاڻيءَ واري سيشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ٻوڏ کان 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، محنت ۽ پنهنجي وسيلن جو استعمال ڪندي نقصانن جو ازالو پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن ۾ پاڪ فوج سميت ??مو??ا فورسز ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن مثالي ڪم ڪيو. ٻوڏ کانپوءِ ريسڪيو ۽ رليف بحاليءَ جي سرگرمين کي بنا رڪاوٽ جاري رکڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سڄي قوم طرفان ا??ن ا??ف آر سي سي جي پوري ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت موسم??ات?? تبديليءَ جي مستقبل جي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي گهڻ رُخي حڪمت عملي بڻائي آهي جنهن کي ڊونرز ڪانفرنس ۾ عالمي برداريءَ آڏو پيش ڪنداسين. ٿڌ جي موسم ۾ ٻوڏ متاثرن کي اسان ج?? امداد جي ضرورت آهي، سرنديءَ وارا ماڻهو ۽ ا??ارا پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکن. نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ا??ف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال سيشن کي پنهنجي خطاب ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ڊپٽي چيئرمين ا??ن ا??ف آر سي سي احسن ا??بال جي لاڳيتي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته اين ا??ف آر سي سي جي جهنڊي هيٺان ??مو??ا قومي ادارا، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ۽ عالم?? امدادي ادارا ٻوڏ کانپوءِ بحالي لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو جنهن تي سندن شڪرگذار آهيون.