اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذم?? ڪندي چيو آهي ته اتحادي حڪومت ۽ منهنجي پارٽي آئين موجب هر شهري جي اظهار جي آزادي جي حق کي يقيني بڻائڻ جي پختي عزم تي قائم آهي، اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت شهرين کي پاڻ اهڙا فورمز مهيا ڪري ٿي جتي اهي عوامي اهميت جي معاملن تي پنهنجي اختلافي موقف، راءِ ۽ راءِ جي آزادي جو پوري طرح سان اظهار ڪن، اهڙن فورمز جو سياسي مفادن جي لاءِ رياستي ادارن خاص طور تي هٿياربند فوج کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج جا ??في??ر ۽ جوان اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کان ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ پ??هنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. هن اظهار راءِ جي آزادي جي بنيادي حقن کي برقرار رکڻ جي قوم کي خاطري ڪرائيندي آچر ڏينهن رياستي ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪئ?? ۽ چيو ته مون کي افسوس آهي ته ڪجهه شرڪ?? ڪندڙن پاران ائين ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.