اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي ل??گه?? (سي پيڪ) منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي قومي ترجيح آهي، سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ صنعتي ??رق?? جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي، ايم ??يل ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ??رق?? جو سبب بڻجندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪ چين اقتصادي ل??گه?? ۽ ٻين چيني منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ انفراسٽرڪچر جي منصوبن خاص طور تي مين لائين ون (ايم ??يل ون)، ڪراچي سرڪلر ريلوي، قراقرم هاءِ وي ۽ ٻين منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي ۽ پن بجلي جي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. اجلاس کي سي پيڪ منصوبن جي موجوده صورتحال، جاري ڪم ۽ مستقبل ۾ انهن منصوبن جي رفتار کي ??يز ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي پيش ڪئي وئي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير، وزيراعظم جو ڪراچي سرڪلر ريلوي کي سي پيڪ جو حصو بڻائڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم سي پيڪ منصوبن جي مقرر مدي ۾ پڄاڻي کي قومي ترجيح قرار ڏيندي ان تي ڪم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مين لائين ون (ايم ??يل ون) منصوبو پاڪستان جي لاءِ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو. مين لائين ون (ايم ??يل ون) منصوبو پاڪ چين اقتصادي ل??گه?? جو فليگ شپ منصوبو آهي، مين لائين ون منصوبو پاڪستان جي بندرگاهن کي چين ۽ وچ ايشيائي رياستن سان ڳنڍي ملڪي معيشت جي ??رق?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته وچ ايشيائي رياستن سان ريل جي ذريعي رابطا پوري خطي جي ??رق?? ۽ خوشحالي جو سبب بڻجندا. اهو منصوبو پاڪستان ريل جي ڪر??گه?? جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو ۽ وفاق جي علامت آهي. مين لائين ون منصوبو پاڪستان ريلوي جي معاشي بحالي ۽ ??رق?? جو سبب بڻجندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي شمسي توانائي جي منصوبن ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جي آجيان ڪريون ٿا. حڪومت گذريل چئن سالن جي ڪاري دور ۾ سي پيڪ جي تعطل جو شڪار منصوبن ۾ نئون روح وجهي انهن کي ترجيحي بنيادن تي ??يز رفتاري سان مڪمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته سي پيڪ هاڻي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ مرحلي مان نڪري بزنس ٽو بزنس واري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيون آهن. سي پيڪ تحت هاڻي پاڪستان ۾ صنعتي ??رق?? جي نئين دور جي شروعات ٿيڻ وڃي رهي آهي. شهباز شريف چيو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ڪراچي جي رهواسين کي محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزير احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، سالڪ حسين، سيد نويد قمر، مريم اورنگزيب، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽرولم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاون طارق فاطمي، ظفرالدين محمود جهانزيب خان، سيد فهد حسين، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسن افضل، بدر شهباز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.