اسلام ڪوٽ – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ٿر ڪول کي معاشي ترقي جي لاءِ گيم چينجر قرار ڏيندي چيو آهي ته 1996ع ۾ اڳوڻي وز??راعظم شهيد بينظير ڀٽو جڏهن هن علائقي جي دوري تي آئي ته هتي صحرا هو پر هاڻي ٿر تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، ٿر ڪول منصوبو علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي. دنيا ۾ ڪوئلي جي قيمت 67 ڊالر في ٽن مان گهٽ ٿي 44 ڊالر تي اچي وئي آهي ۽ اها وڌيڪ گهٽ ٿي 30 تائين اچڻ جو امڪان آهي، ٿر جي ڪوئلي سان هن وقت پيدا ٿيندڙ بجلي جي جيڪا قيمت آهي اها گهٽ ٿي 10 رپيا في يونٽ ٿي ويندي، ڪوئلي سان بج??ي پيدا ڪندڙ سمورن پاور پلانٽس کي ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ٿيڻو پوندو، سي پيڪ تحت توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري چين جو تمام وڏو تحفو آهي، ريلوي لنڪ سان ٿر جي ڪوئلي جي سڄي ملڪ ۾ پهچ ۾ آساني ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿر انرجي بلاڪ ٽو ۽ ٿر ڪول مائنز ٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻو وز??راعظم شاهد خاقان ع??اسي، منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، بجلي وارو وفاقي وز??ر خرم دستگير خان، پيٽروليم وارو مملڪتي وز??ر مصدق ملڪ، سنڌ و وڏو وز??ر سيد مراد علي شاهه، پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ ۽ ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون. وز??راعظم چيو ته مشڪلاتن جي باوجود منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي حبڪو چيئرمين ۽ ان جي ٽيم سميت سڀني کي مبارڪباد ڏيان ٿو. 1996ع ۾ اڳوڻي وز??راعظم شهيد بينظير ڀٽو جڏهن هن علائقي جي دوري تي آئي ته هتي صحرا هو پر هاڻي ٿر تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي. ٿر ڪول منصوبو علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي. دنيا ۾ ڪوئلي جي قيمت 67 ڊالر في ٽن مان گهٽ ٿي 44 ڊالر تي اچي وئي آهي ۽ اها وڌيڪ گهٽ ٿي 30 تائين اچڻ جو امڪان آهي، ٿر جي ڪوئلي سان هن وقت پيدا ٿيندڙ بجلي جي جيڪا قيمت آهي اها گهٽ ٿي 10 رپيا في يونٽ ٿي ويندي. ٿر ڪول جديد ٽيڪنالاجي سان مڪمل ٿيندڙ منصوبو آهي. ٿر جي ڪوئلي سان بجيل جي پيداوار سان وڏي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي. وز??راعظم چيو ته ٿر ۾ 175 ملين ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن ۽ هڪ لک ميگاواٽ بجلي جيڪڏهن اسان پيدا ڪريون ته اهو 300 سالن جو خزانو آهي. اسان کي اهڙي پاليسي ٺاهڻ گهرجي جو ڪوئلي سان بج??ي پيدا ڪرڻ جا 4 هزار ميگاواٽ جا جيڪي ڪارخانا آهن انهن کي به ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪيو وڃي. دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن جي ڪري اسان کي سنجيدگي سان ان تي غور ڪرڻو پوندو. توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 24 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن، ڪوئلي مان فائدو کڻي ملڪي صنعتون ترقي ڪنديون، سستي مصنوعات پيدا ٿينديون. عورت ٽرڪ ڊرائيور سان به ملاقات ٿي آهي. ٿر ۾ حڪومت جي قدمن سان هزارين ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا ميسر اچي رهيا آهن. هن چيو ته سي پيڪ ۾ سمورين لاڳاپيل ڌرين کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي ۽ توانائي جي شعبي جي حوالي سان قدمن جو جائزو ورتو ويندو. وز??راعظم چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان فائدو نه کڻڻ ۽ قوم جي محرومين کي گهٽ نه ڪرڻ تمام وڏي غلطي آهي. ٿر جي ڪوئلي سان پوري پاڪستان کي فائدو ڏئي سگهجي ٿو. ڪوئلي جي پهچ جي لاءِ ريلوي جو هڪ ٺوس نظام بڻائڻو پوندو. ان حوالي سان وفاقي ۽ سنڌ حڪومتون گڏجي ڪم ڪنديون. سنگل ريلوي لائين جي لاءِ معاهدو ٿي چڪو آهي. ريلوي جو منصوبو مڪمل ٿي ويو ته ان سان ٿر جو ڪوئلو ملڪ جي چئني طرف پهچندو ۽ ساليانو 5 کان 6 ارب ڊالر جي بچت ٿيندي. بجلي جي پيداوار جي ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ حبيب بئنڪ، چائنا ڊيولپمينٽ بئنڪ مالي معاونت ڪئي آهي. ٿر ڪول ملڪي معاشي ترقي جي لاءِ گيم چينجر ??ابت ٿيندو.