اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه سدائين مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، ترڪيه پاران موڪليل 50 ٻيڙين ??ان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ هلال احمر جي خيرسگالي سفير اسماعيل حقي ترنڪ ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پي??اسي تي ٻڌل ترڪي جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه پاران يڪجهتي جي اظهار کي ساراهيو ۽ چيو ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ جي صورتحال وانگر تازي ٻوڏ کانپوءِ به ترڪيه پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امدادي سامان جون ٽرينون موڪلڻ تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ترڪيه پاران امدادي ڪاررواين جي لاءِ موڪليل 50 ٻيڙين ??ان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اسماعيل حقي ترنڪ ملڪ ۾ تازي ٻوڏ ??ان ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت جو اظه??ر ڪيو. هن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ مڪمل مدد ۽ بحالي جي عمل ۾ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي ٻڌايو ته اهي امدادي سامان ۽ خدمتن جي فراهمي ۽ نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين ??ان يڪجهتي جي اظهار تي ترڪ هلال احمر جا ٿورا مڃيا.