اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آه?? ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ما??هن سان يڪجهتي ۽ سهڪار تي يونيسيف جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو، پوليو جي خاتمي ل??ءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آه??. اهڙو اظهار هن يونيسيف جي ڪنٽري ڊائريڪٽر عبدالله الفادل سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت جي شعبي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي ڊاڪٽر عبدالله الفادل يونيسيف طرفان ٻوڏ متاثرن کي ڏنل امداد جي باري ۾ بريفنگ پڻ ڏني. ڊاڪٽر عبدالله وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته يونيسيف لسٻيله، سبي، ملتان، ڊي جي خان ۾ نَوان فيلڊ آفيس س??ر ۽ حيدرآباد ۾ پڻ قائم ڪيا آه??. هن ٻُڌايو ته يو اين جي سمورن ادارن 816 آمريڪي ڊالرن جي فليش اپيل ڪئي آه??، جتي ٻوڏ متاثرن ۽ بي گهر ٿيل ما??هن جو هڪ وڏو حصو موجود آه??. هن وقت انهن علائقن ۾ 09 ملين آمريڪي ڊالر جي صحتمند شين جي فراهمي ٿي چڪي آه??. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ما??هن سان يڪجهتي ۽ تعاون تي ان جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو. ٻوڏ سبب ملڪ ۾ عورتن ۽ ٻا??ن سميت 33 ملين کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي. هن چيو ته پوليو جي خاتمي ل??ءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آه??. پوليو جي خاتمي ل??ءِ فرنٽ لائينز ورڪرز اسان جا هيرو آه??. عبدالقادر پٽيل چيو ته ڊيوٽي دوران فوت ٿيل صحت ۽ ٻين سيڪيورٽي ورڪرز جي جوش ۽ جذبي ۽ قربانين کي خراب تحسين پيش ڪريان ٿو.