ڪ??ئي??ه-16 سي??ٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته بلوچستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ريلوي ٽر??ڪس کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي، معطل ٿيل ريلوي روٽس جي بحاليءَ لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون. ڪ??ئي??ه- تفتان ريل ٽر??ڪ 30 سي??ٽمبر تائين بحال ڪيو ويندو. ڪ??ئي??ه ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب ريلوي نيٽ ورڪ خراب طرح متا??ر ٿيو آهي، ڊيرا الهيار کان جيڪب آباد تائين 11 ڪلوميٽر ريلوي ٽر??ڪ پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهي، ٻوڏ سبب ڪ??ئي??ه- تفتان ريلوي ٽر??ڪ 104 هنڌن تان متا??ر ٿيو آهي، جنهن کي 30 سي??ٽمبر تائين بحال ڪيو ويندو. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي جيئن ئي گهٽبو مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويندو. ايف سي، اين ايل سي ۽ آرمي جي سهڪار سان متاثر ريلوي پٽڙيءَ جي بحاليءَ ۾ مصروف آهيون. هن چيو ته ڪ??ئي??ه ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن ترجيح آهي. گوادر ۾ به ريلوي آفيس قائم ڪئي پئي وڃي. هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته 5 ڏينهن کان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريلوي نظام کي پهتل نقصان جو جائزو وٺي رهيو آهيان. تاريخ ۾ پاڪستان ريلوي کي ڪڏهن به ايترو نقصان ناهي ٿيو، پر پرعزم آهيون ته ڏينهن رات هڪ ڪ??ي ريلوي سروس کي بحال ڪري عوامي ڏُکيائين جو ازالو ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس ۾ ريلوي وارو وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيون اعليٰ اختياريون به موجود هيون.