اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين فضا ۾ يوم آزادي تقريبون منعقد ڪري وطن سان محبت جو اظهار ڪيو. پي آءِ اي جي ترجمان عبدالله حفظ ??ان طرفان جاري بيان مطابق 14 آگسٽ جي ڏينهن پي آءِ اي سڀني اڏامن تي جشن آزادي ملهائي رهي آهي. اڏامن تي قوم جي نئين معمار ٻارن جهنڊن وارا ڪيڪ ڪٽيا ۽ خوشي ملهائي. اڏامن دوران خاص طور تي ملي نغما ڳايا ??يا ۽ مسافرن کي پاڪستاني جهنڊا پڻ پيش ڪيا ويا. انهن ??قريبن جو انتظام پاڪستان جي 75هين يوم آزادي جي موقعي تي ??يو ويو آهي.