اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد لياقت علي خان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ٻيو چونڊيل وزيراعظم بڻجي ويو آهي جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي منفرد انداز ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪيل قومي تر??ني جي اجراءَ جو سڀاڻي 14 آگسٽ تي ا??تت??ح ڪندو. پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊسمبر 1948ع ۾ سردار عبدالرب نشتر جي سربراهي ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪميٽي قومي تر??ني جي تياري تي ڪم شروع ڪيو هو. احمد ڇاگلا جي تيار ڪيل ڌُن کي پهريون ڀيرو وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ڪميٽي جي ميمبرن آڏو پيش ڪيو ويو هو. قومي تر??ني جي لاءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي 10 آگسٽ 1950ع تي ان ڌُن جي منظوري ڏني. آگسٽ 1954ع ۾ حفيظ جالنڌري جي لکيل ڪمپوزيشن کي باضابطا منظور ڪيو ويو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ آگسٽ 2017ع ۾ قومي تر??ني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان مقصد جي لاءِ سمورين قومي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا. مريم اورنگزيب اپريل 2022ع تي اطلاع??ت واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم تيزي سان شروع ڪيو. سينيٽر (ر) جاويد جبار جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جي ماتحت آڊيو، ويزيول ذيلي ڪميٽيون جوڙيون ويون. اطلاعات ۽ نشري??ت واري وزارت سميت مختلف ادارن، کاتن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شموليت سان اها قومي ڪوشش مڪمل ٿي. هٿياربند فوج جي عوامي لاڳاپن واري اداري (آءِ ايس پي آر) جي حصيداري سان ٽنهي هٿياربند فوج جي براس بينڊز (سازينه) پڻ ان قومي ڪوشش ۾ شامل هئا. ان ۾ 155 گلوڪارن، 48 موسيقارن ۽ 6 بينڊ ماسٽرز شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه اها آهي ته قومي تر??ني کي نئين سازينه سان بهتر??ن عڪسبندي سان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي سمورن ثقافتي، تهذيبي ۽ علائقائي رنگن جي قوس قزح بڻايو ويو آهي. اتحاد، اخوت ۽ علائقائي سڃاڻپن جو پيغام ڏنو ويو آهي.