اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، مصنوعات جي واپار جي معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي لا??ِ نيون راهون کلنديون، ٻطرفي واپار جي فروغ لا??ِ معاهدن تي پوري طرح عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. معاهدي تي واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت مش صحيحون ڪيون. تقريب ۾ ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ماحوليات واري وفاقي وزير شيري رحمان، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ ح??ين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن ۾ هي معاهدو هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري معاهد خوش آئنده آهن، ان تي ڪيترائي سال ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي. مئي ۾ اسان جي ترڪيه جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۽ ترڪيه پاران معاهدن جي لا??ِ ڪوششن کي تيز ڪيو ويو. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي مثالي قيادت ۾ ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت مش ۽ پاڪستان جي واپار واري وزير سيد نويد قمر ۽ ٻنهي ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ اهي معاهدا طئي ٿيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي وسيع گنجائش ۽ صلاحيت موجود آهي ۽ واپار جي فروغ جي لا??ِ اسان ڀرپور عزم رکو?? ٿا. ان معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لا??ِ نيون راهون کلنديون ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ مدد ملندي. اسان ان معاهدي تي پوري طرح عملدرآمد کي يقيني بڻايو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي واپار واري وزير سيد نويد قمر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ معاهدي تحت ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي مصنوعات جو واپار ڪري سگهندا ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي معيشت مستحڪم ٿيندي. پاڪستان ۽ ترڪيه واپار جي لا??ِ مختلف شين تي هڪ ٻئي کي رعايت ڏني آهي. اسان پنهنجي ٻطرفي واپار جو ماپو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. ان معاهدي سان اسان کي پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري طبقا ان مان فائديمند ٿيندا. ترڪيه جي واپار واري وزير مهمت مش چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي ڊگهي عرصي کان گڏيل واپار جي فروغ لا??ِ ان معاهدي جي ضرورت هئي. مئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري دوران ان تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان معاهدي سان پنهنجو ٻطرفو واپار 5 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهنداسين. واپار جو فروغ هڪ مسلسل ??مل آهي، جنهن جي لا??ِ اسان کي گڏجي چئلينجن تي ضابطو آڻڻو آهي.