چيچه وطني – 03 – آگسٽ (اي پي پي) پوري پاڪستان وانگر ساهيوال ۾ پڻ 5 آگسٽ جمعي ڏينهن ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو جنهن جي شروعات سمورين سرڪاري آفيسرن ۾ صبح 9 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ سان ٿيندي. ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ ڏاڍ جي مذمت ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد جي حمايت جي لاءِ صبح 10 وڳي ضلعي ڪائونسل هال ۾ هڪ سيمينار منع??د ڪيو ويندو جنهن جا شرڪت ڪندڙ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ?? ڪارا ماسڪ پائيندا. سيمينار کانپوءِ ضلعي ڪائونسل هال کان ڊي سي چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ وڏي ريلي پڻ ڪڍي ويندي، جڏهن ته ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت جي لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي پڻ اختيار ڪئي ويندي.