اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب گ??رو وزارت پاران وزيراعظم کي اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏن?? وئي. وزيراعظم شهباز شريف گ??رو وزير راڻا ثناءُ الله کي اڳوڻي وزيراعظم کي هر حوالي سان بهترين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اڳوڻي وزيراعظم کي فور?? طور تي چيف سيڪيورٽي آفيسر فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي به پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي جلسن ??وران سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.