جده – 29 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف سعودي عرب جي دوري جي ??ئي ڏينهن مدينه منوره کا?? جده پهچي ويو. مڪه جي گورنر خالد بن فيصل السعود ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر مسعد بن محمد العيبان هوائي اڏي تي و??ير??عظم جو استقبال ڪيو. و??ير??عظم مدينه منوره ۾ قيام دورن ٻه ڀيرا روزه رسول ﷺ تي حاضري ڏني، رياض الجنته ۾ نوافل ادا ڪيا، جمعته الوداع جي نماز مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون. وفاقي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، چوڌري سالڪ حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به و??ير??عظم سان وفد ۾ شامل آهن. وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کا??پوءِ و??ير??عظم جو اهو پهريون غير ملڪي دورو آهي، دوري دوران و??ير??عظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عب??العزيز ۽ لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتصادي، واپاري ۽ رابطن کي واڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کا??سواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کا?? وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ان موقعي تي دوست ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ جڙيل آهن جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ??ئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام حرمين شريفين جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عب??العزيز جي دعوت تي و??ير??عظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي.