اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچين ٽرنر سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، برطانيه جي هاءِ ڪمش??ر مريم اور??گز??ب کي اطلاعات واري وزارت جو منصب سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ان ۾ سگهه لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن، ڊجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻطرفي سفارتي لاڳاپ?? جي فروغ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير مريم اور??گز??ب چيو ته فيڪ نيوز پاڪستان سميت پوري دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهي، برطانوي هاءِ ڪمشنر اطلاعات واري وزير کي پاڪستا?? جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي مبارڪباد ڏني، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتي لاڳاپ?? جي قيام جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. مريم اور??گز??ب چيو ته يوم آزادي 14 آگسٽ تي پاڪستان ۽ برطانيه جي سفارتخانن ۽ لنڊن ۾ خصوصي تقريبون ٿينديون. هن چيو ته پاڪ برطانيه ??اڳاپا 75 سالن ۾ مسلسل فروغ ورتو، مستقبل ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا گڏيل احترام?? وسيع علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪجهڙي تصورن تي ٻڌل آهن، اسان انهن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا.