اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم خان دراني ڊپٽي ڊائريڪٽر پروٽوڪول تنوير حسين ملڪ جي گهر ويو جتي هن تنوير حسين ملڪ جي والده جي ل??ڏا??ي تي ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحو??ه جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. هن چيو ته ماءُ جو رشتو دنيا جي عظيم نعمت تصور ڪيو ويندو آهي جنهن جو دنيا مان هلي وڃڻ سان ان جي کوٽ سدائين محسوس ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ڊپٽي اسپيڪر مرحو??ه جي بلند درجن ۽ سوڳوار خاندان کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي. واضح رهي ته ڊپٽي ڊائريڪٽر تنوير حسين ملڪ جي والده مختصر علالت کانپوءِ 21 رمضان المبارڪ تي اسلام آباد ۾ ل??ڏا??و ڪري وئي هئي. سندس جنازي نماز ۽ تدفين سندس اباڻي شهر ميانوالي ۾ ادا ڪ??ي وئي هئي.