اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ بين المذاهب مڪالمي کي مضبوط بڻائڻ، اسلامو فوبيا ۽ ان سان لاڳاپيل عدم برداشت جي رجحانن کي منهن ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معامل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير چيو ته نفرت انگيز بيانيو، امتيازي سلوڪ ۽ م??لمانن جي خلاف تشدد پاڪستان جي پاڙيسريت سميت دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ پکرجي رهيو آهي، اسلامي مشاهير ۽ مقدس جاين جي ڄ??ڻي واڻي توهين، امتيازي قانونن ۽ پاليسين، حجا?? تي پابندي، مسجد?? تي حملا، انتهائي کاٻي پاسي جي پارٽين پاران ملڪ بدر ڪرڻ جي اعلانن جهڙا پرتشدد رويا ڳڻتي جو سبب آهن. هن چيو ته مسلمانن جي نسل ڪشي، مسلم مخالف تعصب ۽ م??لمان عورتن جي عزت تي حملن جهڙن اڻوڻندڙ سماجي روين جي خلاف متفقه هڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي پاران 15 مار?? تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي ڏينهن طور نامزد ڪرڻ جي منظوري جي آجيان ڪ??ي ٿو. گڏيل قومن جي تهذيبن جي اتحاد جي لاءِ اعليٰ نمائندي ميگوئل موراتينوس او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي کي مبارڪباد ڏني. واضح رهي ته يو اين اي او سي کي 2005ع ۾ جوڙيو ويو، ان جي بنيادي مقصدن ۾ سمورين ثقافتن?? روايتن ۽ م??هبي عقيدن جي لاءِ گڏيل احترام جي واڌويجهه جي لاءِ پليٽ فارم طور ڪم ڪرڻ شامل آهي.