اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پ??ڏي??ي سي??ريٽري سهيل محمود چيو آهي ته 48 هين پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو. پ??ڏي??ي آفيس جي ترجمان موجب پ??ڏي??ي سي??ريٽري سهيل محمود اسلام آباد ۾ رهندڙ او آءِ سي مشنز جي سربراهن سان ملاقات ڪئي ۽ کين 22- 23 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ او آءِ سي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي غرض سان جاري تيارين کان آگاهه ڪيو. ڊسمبر 2021ع ۾ او آءِ سي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس کي ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ ۾ او آءِ سي مشنز جي اهم ڪردار کي ساراهيندي پ??ڏي??ي سي??ريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس خصوصي اهميت رکندڙ آهي، ڇو ته اهو پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام ان پُرمسرت موقعي تي معزز مهمانن جي استقبال جي منتظر آهي. پ??ڏي??ي سي??ريٽري چيو ته 48 هين سيشن جو موضوع ”اتحاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ حصيداري“ امت جي اندر اتحاد ۽ او آءِ سي ميمبر ملڪن جي لاءِ جامع ۽ پا??يدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جي عڪاس آهي. افغانستان ۾ انساني صورتحال جي حوالي سان او آءِ سي پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ افغانستان جي لاءِ او آءِ سي جي قيادت هيٺ هيومينٽيرين ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ، او آءِ سي جي سي??ريٽري جنرل جي خصوصي ايلچي جي مقرري ۽ ان آءِ سي مشن کي مضبوط ڪرڻ جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ جي فيصلن کي ياد ڪندي، پ??ڏي??ي سي??ريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته 48 هون اجلاس ان قرارداد جي منظوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جو قيمتي موقعو فراهم ڪندو. انساني همدردي تحت قائم ٽرسٽ فنڊ کي هلائڻ لاءِ اسلامي ترقياتي بئنڪ پا??ان ڪم جي آجيان ڪندي، پ??ڏي??ي سي??ريٽري ميمبر ملڪن ۽ افغانستان جي عالمي حصيدارن پا??ان ٽرسٽ فنڊ لاءِ ٺوس واعدن تي عملدرآمد جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. او آءِ سي مشنز جي سربراهن کي 22 -23 مارچ 2022ع تي منعقد پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل پروگرام تي بريفنگ ۽ انتظامي انتظامن جا تفصيل فراهم ڪيا ويا، پ??ڏي??ي سي??ريٽري چيو ته وفدن جي سمورن سربراهن کي 23 مارچ 2022ع تي روايتي ”يوم پاڪستان“ پريڊ ۾ خصوصي مهمان طور دعوت ڏني ويندي. 48 هين پ??ڏي??ي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس مسلمان امت جي مسئلن تي او آءِ سي جي موقف ۽ اسلامي يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪندو.