لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته س??اس?? محاذ تي پهريون ۽ اهم مرحلو اسلام آباد آهي، حڪومت س??اس?? محاذ تي پُراعتماد ۽ مستحڪم آهي، پنجاب جي س??اس?? صورتحال تي تفصيلي مشاورت سان فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪي س??اس?? صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ ملاقات ۾ صوبي جي انتظامي معاملن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراع??م عمران خان وفاقي وزيرن مخدوم شاهه محمود قريشي، اسد عمر، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب ۽ خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل سان گڏ خميس ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو .