اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته گورننس جو مقصد عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ آهي، جزا ۽ سزا کانسواءِ ڪو به سسٽم ڪامياب نٿو ٿي سگهي، بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن کي بونس ۽ مراعتون ڏنيون وينديون. مسئلن جي حل لاءِ غير روايتي سوچ ۽ طرز عمل ا??تيار ڪرڻو پوندو. نيب ۾ سڌارن کانپوءِ بيورو ڪريسي وٽ ڪم نه ڪرڻ جو ڪو بهانو نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 10 وفاقي وزارتن ۾ تعريفي سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وز??ر خصوصي صلاحڪار، وفاقي وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. وز??راعظم تقريب ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جنهن ۾ مواصلات واري وزارت، منصوبابندي ۽ ترقي، غربت جي خاتمي، وفاقي تعليم، انساني حقن، صنعت ۽ پيداوار، قومي سلامتي واري ڊويزن، واپار، گهرو ۽ قومي غذائي تحفظ شامل آهن، ۾ تعريفي سندون ورهايون. وز??راعظم وزارتن جي ڪارڪردگي جانچڻ جو نظام لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ارباب شهزاد ۽ ان جي ٽيم کي مبارڪباد ڏني، وز??راعطم چيو ته ايندڙ تقريب جي انقعاد کان اڳ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جا نالا ظاهر ڪيا ويندا ته جيئن سڀئي وزارتون تقريب ۾ موجود هجن ۽ انهن جي وزارت جي ڪارڪردگي سڀني جي سامهون اچي سگهي ته جيئن جن وزارتن جي ڪارڪردگي بهتر نه آهي ۽ جن وز??رن ڪم ناهي ڪيو انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي. وز??راعظم چيو ته ڪو به سسٽم جزا ۽ سزا کانسواءِ ڪامياب نٿو ٿي سگهي، وز??راعظم نجي شعبي جي اسپتالن جو مثال ڏنو، جن ۾ پگهارون ۽ مراعتون سرڪاري اسپتالن کان گهٽ آهن پر انهن جي ڪارڪردگي بهتر آهي ڇاڪاڻ ج?? اتي ترقي ۽ مراعتون سينارٽي جي بنياد ??ي نه پر ڪارڪردگي جي بنياد ??ي ڏنيون وينديون آهن، هن چيو ته حڪومت ڪارڪردگي جانچڻ جو نظام جوڙيو آهي، جنهن سان سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ گورننس ۾ بهتري ايندي. وز??راعظم مواصلات واري وفاقي وز??ر مراد ??عيد کي بهترين ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هو نوجوان وز??ر آهي ۽ هن بهترين ڪم ڪيو آهي، وز??راعظم چيو ته ملڪ کي پاڻ ڀاڙڻ طرف گامزن ڪرڻ لاءِ وزارتن جو ڪردار اهم آهي، اسان کي روانگي واپار وڌائڻ ۽ ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. عوام جي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي غربت مان ڪڍڻ اسان جو مشن آهي، مسئلن جي حل لاءِ روايتي سوچ کان نڪري غير روايتي سوچ ۽ طرز عمل ا??تيار ڪرڻو پوندو. وز??راعظم چيو ته بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن کي بونس ڏنا ويندا، بغير فرق سڀني کي مراعتون ڏيڻ جو نظام نه هجڻ گهرجي، هن وزارتن کي هدايت ڪئي ته هو عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم سوچي. وز??راعظم چيو ته نيب ۾ سڌارن کانپوءِ هاڻي بيورو ڪريسي وٽ ڪم نه ڪرڻ جو ڪو به بهانو نه آهي